پاڪستانسنڌ

رتيديري ۾ جوڻيجا برادري جي هلندڙ تڪرار تان هڪ وڌيڪ نوجوان قتل

رتيديري ويجهو ڳوٺ پاوڙو جوڻيجو ۾ جوڻيجا برادري ۾ ھلندڙ تڪرار تان زخمي ٿيل ڌڻي بخش جوڻيجو ڪراچي نيئندي رستي ۾ دم ڏيئي ڇڏيو. رتيديري ويجهو ڳوٺ پاوڙو جوڻيجو ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل ڌڻي بخش جوڻيجو کي ڳڻتي جوڳي حالت سبب ڪراچي منتقل ڪيو پئي ويو ته ھن رستي ۾ ئي ڄامشورو ڀرسان دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. فوتي جو مڙهھ تعلقه اسپتال رتوديرو آندو ويو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار سبب ھڪ سال دوران عورت سميت 7 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن. ٻي طرف گذريل ڏينھن قتل ٿيل پوليس اي ايس آ برڪت جوڻيجو جي تدفين ڳوٺ پاوڙو جوڻيجو ۾ ڪئي وئي. جوڻيجا برادري وچ ۾ ھلندڙ رتو ڇاڻ سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇانئجي وئي آھي. امڪاني جھيڙي کي روڪڻ لا پوليس طرفان ڳوٺ جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پوليس اھلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران احمد قريشي ڳوٺ پاوڙو جوڻيجو پھچي صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي ته ھن چيو ته امن و امان ۾ خلل وجھندڙ عنصرن کي ڪنھن صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. ھن پوليس عملدارن کي ھدايت ڪئي ته علائقي اندر ھر صورت ۾ امن قائم ڪيو وڃي. ايس ايس پي چيو ته ڳوٺ پاوڙو جوڻيجو ۾ پوليس ڪئمپ قائم ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ بڪتر بند گاڏين سميت جديد ھٿيارن سان ليس پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويا آھن. ٻي طرف خبر جي آخري اطلاعن تائين قتل ٿيل اي ايس آ برڪت جوڻيجو ۽ ڌڻي بخش جوڻيجو جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ۽ نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي ھئي.
رتوديرو/ هڪ وڌيڪ قتل

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button