پاڪستانسنڌ

وارهه ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پورهيت قتل ۽ سندس زال مرڻينگ

وارهه ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل ۽ سندس زال شديد زخمي ٿي پئي. وارهه ويجهو ڳوٺ رسول بخش بروھي ۾ ويٺل ھارپو ڪندڙ حاڪم علي مير جت جي گهر مٿان اڻڄاتل ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گهر جي نلڪي تان پاڻي ڀريندڙ حاڪم علي ۽ سندس زال نصرت ميرجت شديد زخمي ٿي پيا، ٻنهي زخمين کي لاڙڪاڻي ۾ اسپتال پهچايو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي حاڪم علي فوت ٿي ويو، جڏھن ته سندس زال نصرت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. حاڪم جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.
وارهه/ پورهيت قتل

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button