پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۽ مختلف شهرن ۾برسات، وڄ ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت

حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گجگوڙ سان برسات جو تيز وسڪارو ٿيو. گولاڙچي ۾ وڄ ڪرڻ سبب 2 نوجوان ڌنار فوت ٿي ويا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد شهر، لطيف آباد، قاسم آباد ۽ حيدرآباد ٻهراڙي جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان ڪڪر وسي پيا. وسڪاري سان بجلي بند ٿي وئي. موسميات کاتي موجب ميرپورخاص، ٿرپارڪر، اڇڙو ٿر، عمرڪوٽ، حيدرآباد سميت سنڌ جي ڏکڻ ۽ اوڀر وارن علائقن ۾ برسات جو بڊي وارو موسم جو سسٽم موجود آھي، جنھن سبب ايندڙ 48 ڪلاڪن تائين سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو سلسلو ڪٿي تيز ۽ ڪٿي ھلڪو جاري رھندو. ٻئي طرف گولاڙچي جي ڳوٺ صديق منڌرو واسي جهنگ ۾ مال چاريندڙ 16 ورھين جو ڌنار پنھون ولد گلو منڌرو ۽ چڪ 21 ۾ ولي محمد چانگ نالي همراهه مٿان وڄ ڪرڻ سبب موقعي فوت ٿي ويا. بدين ۾ برسات سبب شهر جا مک روڊ ۽ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا. جاتي ۾ ٻئي ڏينهن به زوردار وسڪارو ٿيو، جنهن ڪي شهر جا هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. جڏهن ته برسات بعد بجلي بند ٿي وئي. جڏهن ته برساتي پاڻي بيهڻ ڪري مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو. هوڏانهن ٽنڊو محمد خان ۾ برسات بعد پاڻي روڊن تي تلا جي صورت ۾ بيٺل آهي، جڏهن ته برسات کانپو بجلي فراهمي بند ٿي وئي ۽ مواصلاتي نظام سخت متاثر ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button