پاڪستانسنڌ

ستار جوڳي کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو

حضرت شاہه عبدالطیف ڀٽائي رحه جي 278 ھين عرس مبارڪ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ ثقافت ۽ تعليم واري وزير سردار علي شاهه درگاهه تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري.

سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري، ڊي جي ڪلچر عبدالعليم لاشاري، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري مرتضيٰ علي شاهه، ايس ايس پي آصف احمد ٻگھيو، ڊائريڪٽر ڪلچر شير محمد مهر ۽ ٻيا آفيسر موجود ھئا. حضرت شاہه عبدالطیف ڀٽائي رحه جي 278 ھين عرس مبارڪ جي موقعي تي شاهه سائين جي فن فڪر تي تحقيق ڪندڙ ۽ پيغام کي عام ڪندڙ شخصيتن کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو، ايوارڊ سان گڏ ھڪ ھڪ لک روپيا انعام پڻ ڏنو ويو.

لطيف ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ شاھه جو راڳي جو ايوارڊ شفقت حسين شاهه، سگهڙ جو ايوارڊ ممتاز علي عباسي، بهترين راڳين جو ايوارڊ رجب علي ۽ سيف سميجو، موسيقار جو ايوارڊ غلام دائود، سازندي جو ايوارڊ مرلي وڄائيندڙ ستار جوڳي، شاهه سائين تي تحقيق ڪندڙ محقق جو لطيف ايوارڊ پروفيسر بشير احمد شاد، جڏهن ته خصوصي ايوارڊ برين بوند کي ڏنو ويو. ان کان سواءِ ايوب گل، ذيشان عرف شاني، شفيع فقير، اختر درگاهي، علي روشن شيخ ۽ آ ٽي ماهر مظهر علي ڏوتيو کي شيلڊون ڏنيون ويون.

ثقافت کاتي ايوارڊ ورھائڻ واري تقريب دوران تارا چند شوقيرام جي نئين سر ڇپايل شاھه جي رسالي، محمد سومار شيخ جي مرتب ڪيل شاھه جي رسالي، ڊاڪٽر شير مھراڻوي پاران مرتب ڪيل ڪتاب لطيفات جو تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو، حيدر علي لغاري جي ڪتاب لطيف جي ڪلام ۾ وجود جو خلا، مدد علي سنڌي جي مرتب ڪيل ڪتاب شاھه جا پارکو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيقي ڪتاب شاهھ جي رسالي جا سرچشما ۽ شاھه جي رسالي جي ٽن منتخب سرن جو بلوچي ترجمو سيذ ڀٽائي ايغ ڪلام ڪتابن جي مھورت پڻ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button