مٺي/ اسلام ڪوٽ: ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪوئلو هٿ ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل اوپن پٽ مائننگ وارو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، ڪمپني ٻن سالن ۾ ڪوئلي جي تهھ تائين پهچي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪوئلي تي ڪم ڪندڙ سائينو سنڌ ڪمپني جي انتظاميا پاران جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب ڪمپني ڏينهن رات محنت ڪري ٻن سالن ۾ ڪوئلي جي کوٽائي جو ڪم مڪمل ڪيو آهي، هي پاڪستان جي سڀ کان وڏي اوپن پٽ مائننگ آهي، سيپٽمبر 2011ع ۾ بلاڪ ون جو معاهدو ٿيو هو، حڪومت مئي 2012ع تي چيني ڪمپني کي مائننگ جي ليز ڏني هئي، هن منصوبي کي پاڪستان ۽ چين جي حڪومت پاران گڏيل توانائي ورڪنگ گروپ ۾ شامل ڪيو هو. هوڏانهن ڄاڻايل بلاڪ ون تي ڪاميابي بعد چائينيز ۽ پاڪستاني مئنيجمينٽ پاران خوشي جو اظهار ڪندي جشن ملهايو ويو. اُن سلسلي ۾ سائينو سنڌ ريسوسز ڪمپني جي سي اي او مسٽر لي چينگ ۽ ڊپٽي سي او عبدالقيوم چوڌري چيو ته 31 جنوري 2022ع تي صبح جو 9 وڳي ٿر ڪول فيلڊز ۾ بلاڪ 1 جي ڪوئلي جي کڏ ۾ لِنگنائيٽ ڪوئلي جي پهرئين تهھ تائين پهچي ويا آهيون، جيڪا وڏي خوشي جي ڳالهھ آهي، بلاڪ 1 پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڪوئلي جي مائننگ آهي، جنهن ۾ 3 بلين ٽن يا 5 بلين بيرل کان وڌيڪ خام تيل جي برابر) جي ذخيرن سان گڏ صرف پهرين مرحلي ۾ 7.8 ملين ٽن في سال جي سالياني پيداوار آهي، بلاڪ 1 کي چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پي اي سي) جي تحت “ارلي هارويسٽ پروجيڪٽ” جي طور تي درجابندي ڪيو ويو آهي، جيڪو چين جي تاريخي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو هڪ پرچم بردار منصوبو آهي، جنهن تحت هيٺ آيل ملڪن کي انفراسٽرڪچر ۽ ترقي جي بي مثال سطح تي آڻڻ لاءِ BRI بلاڪ 1 سائينو سنڌ ريسورس پرائيويٽ لميٽڊ ڪمپني جي ملڪيت ۽ هلائيندڙ آهي، جنهن جي اڪثريت شيئر هولڊر شنگھائي اليڪٽرڪ گروپ سان آهي، منصوبو 19 سيپٽمبر 2011ع ايس ايس آر کي ٿر ڪول بلاڪ ون جو مختص ڪيو ويو ته جيئن اوپن پٽي ڪوئلي جي مائننگ کي ترقي وٺرائي سگهجي ۽ 24 مئي 2012ع سائينو سنڌ ڪمپني پاران مائننگ ليز ڏني وئي. سائينو سنڌ ڪمپني ۽ شنگھائي اليڪٽرڪ گروپ ۽ سنڌ حڪومت جي توانائي کاتي ۾ 23 جنوري 2019ع تي ٿيل ملاقاتن کانپوءِ بلاڪ ون ۾ سڀ کان وڏي اوپن پٽي ڪول مائننگ جي کوٽائي شروع ڪئي وئي، پهرين کوٽائي کانپوءِ جلد ئي سائينو سنڌ انتظاميا چين کان مائننگ سامان درآمد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ جولاءِ 2020ع تائين سڀ گهربل سامان پروجيڪٽ جي سائيٽ تي پهچي ويو، مشينري جي اچڻ کانپوءِ ڪمپني انتظاميا ۽ ان جي ذيلي ٺيڪيدارن تمام چيلنجز ڪووڊ، گرم موسم، پاڻي جي نيڪال ۽ وغيره باوجود ڏينهن رات پوري صلاحيت سان ڪم ڪيو ۽ الله تعاليٰ جي فضل سان گذريل ڏينهن 31 جنوري 2022ع تي پهريون ڪوئلي جو مليل مٿينئون ذخيرو تمام سٺي حالت ۾ دريافت ڪيو ويو. هنن چيو ته هي ڪاميابي صرف اسان جي EPC ٺيڪيدارن ۽ ڪمپني انجنيئرنگ / مئنيجمينٽ ٽيم ۽ پراجيڪٽ سائيٽ تي ٻين سڀني ملازمن جي گڏيل ۽ سٺي ڪوششن کانپوءِ حاصل ٿي سگهي آهي، ڪوئلي جو هي پهريون ذخيرو توانائي جي بحران کي حل ڪرڻ، روزگار پيدا ڪرڻ ۽ ان سان لاڳاپيل ترقي لاءِ هڪ ڊگهو رستو اختيار ڪندو، جنهن جي نتيجي ۾ ٿر جي علائقي ۾ تجارتي ۽ ٻيون معاشي سرگرميون شروع ٿينديون، ٿر ۾ مقامي وسيلن جي بنياد جي ترقي، پاڪستان جي توانائي جي حفاظت ۽ اقتصادي سلامتي ۽ خودمختاري جي پنهنجي ڊگهي مقصد حاصل ڪرڻ جي طرف هڪ ڊگهو رستو وٺي ويندي، ٿر جو ڪوئلو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو، ان سان گڏ درآمد ٿيل ڪوئلي جي متبادل لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو ۽ ان کي استعمال ڪيو وڃي ٿو هر قسم جي ڪيميڪل تيار ڪرڻ لاءِ جيڪي پاڪستان هن وقت درآمد ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي لڳاتار حڪومتن جي ويزن ۽ اسان جي چيني قيادت ۽ ڀائرن جي اڻٿڪ حمايت ٿر جي خواب کي حقيقت بڻائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿرڪول فيلڊ بلاڪ ون مان ڪوئلي نڪرڻ تي سڄي ملڪ جي عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن مطابق سنڌ حڪومت ٻي وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته ٿرڪول بلاڪ ون ۾ 3 ارب ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، جيڪي 5 ارب خام تيل جي برابر آهن، اهي ذخيرا پاڪستان کي اونداهي مان روشني ۾ وٺي وڃڻ لا ڪافي آهن. هن چيو ته اسان همشيه چوندا آهيون ته ٿر بدلائيندو پاڪستان ۽ اڄ هي نعرو حقيقت طرف وڃي پيو. مون کي صبح ئي پيغام مليو ته بلاڪ هڪ ۾ 145 ڪلوميٽر جي کوٽائي کانپو ڪوئلو برآمد ٿيو آهي. وڏي وزير چائنا ڪمپني کي به ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. ٻئي طرف پ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي چيو آهي ته ٿرڪول منصوبي جي ترقي ۽ ڪاميابي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جو وڏو ڪارنامو آهي، جنهن جو ڪريڊٽ آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ڏانهن وڃي ٿو. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ٿرڪول منصوبي جي ڪاميابي شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو، ٿرڪول منصوبي جي ڪاميابي سان شهيد بينظير ڀٽو جي روح کي ضرور سڪون مليو هوندو. هن چيو ته ٿرڪول منصوبي جي ڪاميابي سان نه رڳو ملڪ جي نيشنل گرڊ اسٽيشن کي بجلي مهيا ٿي رهي آهي پر ٿرپارڪر ۾ ڪيترائي روزگار جا ذريعا پيدا ٿيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close