اسلام آباد:ايشيائي ترقياتي بينڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي گهڻين خرابين سان ڀريل آهي ۽ پاڪستان جي مانيٽري پاليسي سياسي اثر سبب ٺهندي رهي آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي سيڙپڪاري وارا قانون بهتر ڪري ڏکين قانونن کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان کي مالي ۽ واپاري پاليسيون ڪاروبار دوست ماحول موجب ٺاهڻ جي ضرورت آهي. سيڙپڪاري ۽ واپاري پاليسيون عالمي معيار جهڙيون ٺاهڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته پاڪستان کي ادائيگين جي توازن ۾ بهتري جي به ضرورت آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي گهڻين خرابين سان ڀريل آهي، پاڪستان جي برآمدات ۾ گهٽتائي جو سبب گهٽ پيداوار ۽ مقابلو نه ڪرڻ جو رجحان آهي. اوور ويليو ايڪسچينج ريٽ، خام مال درآمد تي ٽيرف وڌڻ سان برآمدات گهٽيون. آگسٽ 2020 تائين پاڪستان جي ڪرنسي ۾ 66 ڏهائي 9 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي. رپورٽ موجب سال 2019 ۾ واپاري خسارو 32 ارب 80 ڪروڙ ڊالر تائين پهتو. سال 2019 ۾ وياج جي شرح 13 ڏهائي 25 ڪرڻ سان سيڙپڪاري ۽ برآمدات گهٽيون. جڏهن ته سيلز ٽيڪس، ڊيوٽي ڊرابيڪ نه ملڻ سبب ليڪوڊٽي مسئلا برآمدات ۾ گهٽتائي جو سبب رهيا. نجي شعبي ۾ سيڙپڪاري متاثر ٿي سگهي ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close