لاهور : پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت وچ ۾ اهم ملاقات ٿي، ٻنهي پارٽين حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ سمورا آئيني، قانوني ۽ سياسي آپشن استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پنهنجي پٽ بلاول ڀٽو سان گڏ ماڊل ٽائون پهتو، جتي ن ليگ قيادت سان ملاقات ڪئي، جتي شهباز شريف، مريم نواز ۽ حمزا شهباز سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي خواجا سعد رفيق ۽ مريم اورنگزيب به موجود هئا. ان اهم ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ حڪومت مخالف مارچ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ مستقبل جي حڪمت عملي ۽ حڪومت خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ جي معاملي تي به غور ويچار ڪيو ويو. ان حوالي سان نوازليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ سمورا آئيني، قانوني ۽ سياسي آپشن استعمال ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. لاهور ۾ مسلم ليگ ن ۽ پ پ اڳواڻن جي ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن اڄ هڪ ايجنڊا تي اتفاق نه ٿيو ته قوم اسان کي معاف نه ڪندي. حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ تي سنجيدگي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. ان تي پنهنجي پارٽي ۽ پي ڊي ايم مشاورت ڪنداسين. بي اعتمادي واري معاملي تي نواز شريف ۽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي فيصلو ڪندي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته حڪومت خلاف سمورا آئيني، قانوني ۽ سياسي آپشن استعمال ڪرڻ گهرجن. اسان طئي ڪيو آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي سان مشاورت ڪري اسان اهو معاملو پي ڊي ايم ۾ کڻي وينداسين. مشاورت سان گڏجي حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جي لاهور ۾ ٿيل ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب پيپلز پارٽي ن ليگ کي پنهنجي لانگ مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جنهن تي ن ليگ شرط لاڳو ڪيو ته لانگ مارچ جي پڄاڻي تي ڌرڻو هڻندا ته گڏ آهيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي جي قيادت ڌرڻو هڻن کان انڪار ڪيو. ملاقات دوران مريم نواز پنهنجي موبائيل تي نواز شريف سان آصف زرداري جي ڳالهه ٻولهه ڪرائي. ذريعن ٻڌايو ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ اسپيڪر قومي اسيمبلي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته بي اعتمادي رٿ بابت وقت بعد ۾ طئي ڪيو ويندو. ذريعن موجب پيپلزپارٽي سامهون ن ليگ سان رابطي ۾ رهندڙ پي ٽي آءِ جي 20 ميمبرن جا نالا به رکيا ويا. ياد رهي ته مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف طرفان لاهور ۾ سندس رهائش گاهه تي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close