پاڪستانسنڌ

سمس اسپتال جهڙي گندي اسپتال ڏٺي ناهي:عذرا پيچوهو

شھدادپور: صوبائي وزير عذرا پيچوهو شهدادپور سمس اسپتال جي حالت ڏسي ڪاوڙجي پئي. هن ڊائريڪٽر سمس، گوسٽ ملازمن، ٺيڪيدار ۽ ٻين کي شوڪاز جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ صحت کاتي جي صوبائي وزير عذرا پيچوهو اوچتو انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز اسپتال (سمس) پهچي وئي. عذرا پيچوهو ليبر روم، پيڊس وارڊ، دل واري وارڊ، چيسٽ وارڊ ۽ اسٽور روم سميت تمام وارڊز جو دورو ڪري جائزو ورتو. صفائي سٿرائي نه هجڻ تي صوبائي وزير ڊائريڪٽر سمس ظفر الله سولنگي کي ڇنڊ پٽيندي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي مريضن دوائون نه ملڻ توڙي سهولتن جي کوٽ ۽ مختلف شعبن ۾ مشينري خراب هجڻ جون شڪايتون ڪيون. بعد ۾ صوبائي وزير عذرا پيچوهو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سمس اسپتال جي حالت ڏسي مون کي شرمندگي ٿي رهي آهي، ڊائريڪٽر سمس کي به شرمندگي ٿيندي ھوندي، سنڌ جي تمام وڏي اسپتال ھجڻ باوجود هتي ڪابه سھولت ناهي، صفائٔي نه ھجڻ ڪري گندگي آھي، مريضن سان رڍن ۽ ٻڪرين وارو رويو رکيو ويو آهي، ايترا فنڊ ھجڻ باوجود اسپتال جي صورتحال تي افسوس آهي. او پي ڊي پرچي جي 10 رپيا فيس وٺن ٿا، اھا به غير قانوني آھي، ان کي بند ڪيو وڃي. توھان چئو ٿا فنڊ نه آھن، ڇو ڏيان توھان کي فنڊ، اھڙي صورتحال ڏسي منهنجو دل چوي ٿو انسٽيٽيوٽ کي واپس تعلقي اسپتال واپس ڪري ڇڏجي. عذرا پيچوهو چيو ته انسٽيٽيوٽ جو درجو رکڻ، ڪروڙين رپيا بجيٽ ۽ ميڊيڪل ڪاليج هجڻ باوجود اسپتال جي حالت انتهائي خراب آهي، سموري سنڌ ۾ اهڙي ڪني اسپتال ناهي ڏٺي، اسپتال ۾ انفرا اسٽرڪچر، نه ئي مريضن کي سهولتون مليل آهن. هن چيو ته اسپتال گندگي سان ڀريل آهي، ناڪاره ڪارڪردگي تي ڊائريڪٽر ۽ ايم ايس کي شرمنده ٿيڻ گهرجي، جن مريضن جي خدمت ڪرڻ جو قسم کنيو آهي. صوبائي وزيرچيو ته خراب ڪارڪردگي تي اسپتال انتظاميا خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪنداسين ۽ هڪ هڪ پائي جو حساب ورتو ويندو ته اهي پئسا ڪٿي خرچ ٿيا. 5،5 ڄڻا هڪ وارڊ ۾ ويٺل آهن، پر رزلٽ زيرو آهي، عوام جو ڪو به قصور ناهي، هتي 20 گريڊ جا ڊاڪٽرز، ايم ايس ڪم نه ٿا ڪن، سموري حالت اکين جي سامهون آهي. ان کان اڳ عذرا پيچوهو اسپتال جي نئين عمارت جو به دورو ڪيو. هن نئين عمارت ۾ مبينا ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ توڙي لفٽ مشين نه لڳائڻ تي ٺيڪيدار توڙي ايڪسيئن پراونشنل بلڊنگز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي انڪوائري جو حڪم ڏنو. عذرا پيچوهو گوسٽ ملازمن ۽ ڊائريڪٽر سمس کي به شُوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button