پاڪستانپنجاب

عمران خان ۾ همت آهي ته اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي:بلاول ڀٽو

ملتان :پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان ۾ جرئت آهي ته اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، وزيراعظم سمجهي ٿو ته ماڻهو کيس ووٽ ڏيندا پو هو اليڪشن کان ڇو ڀڄي ٿو. پهرين ڏينهن کان ڪٺپتلي جو مقابلو ڪندا رهيا آهيون. هر ننڍي چونڊ ۾ عمران خان کي شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو. ملتان ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ڪجهه دوستن جو خيال هو ته سينيٽ اليڪشن کان به ڀڄي وڃجي، پيپلزپارٽي عمران خان لاءِ آجو ميدان نه ڇڏيو. يوسف رضا گيلاني کي ميدان ۾ لاهي وزيراعظم کي گهر ۾ گهڙي شڪست ڏياري. عوام جو اعتماد کڄي چڪو آهي، هاڻي پارليامينٽ جو اعتماد کڄڻ گهرجي. اڳ عدم اعتماد کي نه مڃيندڙ به هاڻي مڃي رهيا آهن، اڳتي هلي وڌيڪ دوست عدم اعتماد جو مطالبو مڃيندا. اسلام آباد وينداسين، مارچ شروع ٿيڻ کان پهريان ئي ان جون وڪيٽون ڪرڻ شروع ٿي ويون آهن. مڪاني چونڊ جو پهريون مرحلو هارايو هو ٻيو به هارائيندو. ٽن سالن کان پوءِ به عمران خان ڪرپشن ڪرپشن جي رٽ لڳائي رهيو آهي. ماضي ۾ اسان تي ڪرپشن جا الزام مڙهيندڙ الزام ثابت ناهن ڪري سگهيا. جن اسان تي الزام مڙهيا خود اهي پاڻ سزايافتا ٿي چڪا آهن. اسان جو ساٿ ڏيو، نااهل کان حساب وٺڻ تائين اسان حملو ڪندا رهنداسين. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي عوامي مارچ کان اڳ ئي عمران خان جون وڪيٽون ڪرڻ شروع ٿي ويون آهن. پيپلزپارٽي جي قانوني ماهرن جي ڪري هڪ نالائق سينيٽر نااهل ٿي چڪو آهي. اسلام آباد پهچڻ کان اڳ ان جون وڌيڪ وڪيٽون ڪيرائينداسين. هن چيو ته اسلام آباد ۾ سڄو ملڪ اسان سان گڏ هوندو، عوام جو ري ايڪشن سڄي دنيا جي سامهون هوندو پوءِ ڪوئي نه انڪار ڪري سگهندو. هن وزيراعظم تي حملو ٿيڻو آهي، نااهل سليڪٽڊ وزيراعظم کان حساب وٺنداسين. هن چيو ته پهريان ئي بزدل لاهور اليڪشن کان ڀڳو، هاڻي ڊي آئي خان ۾ ڀڄي رهيو آهي. هي ڊي آئي خان ۾ پنهنجي ئي اميدوار کي نااهل ڪري اليڪشن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سي اي سي عوامي مارچ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، 27 فيبروري تي ڪراچي مان نڪرنداسين. سليڪٽڊ حڪومت جي خلاف اسان جنگ جو اعلان ڪيو آهي. پهرين ڏينهن کان نااهل ناجائز ڪٺپتلي جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اعليٰ عدليه محترمه شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري کي الزامن کان آجو ڪيو. پرويز مشرف آمر چور چور چوندو هو، اڄ هو پاڻ ڀڳوڙو آهي. ٽرانسپيرنسي مطابق موجوده حڪومت ڪرپٽ ترين حڪومت آهي. اسان تي ڪرپشن جا الزام لڳائيندڙ الزام ثابت ناهن ڪري سگهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button