اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 39 مريض فوت،3 هزار 498 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد :ملڪ ۾ هڪ ڏينهن دوران ڪرونا جي پنجين لهر وڌيڪ 39 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 29 هزار 687 ٿي ويو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 498 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 93 هزار 478، سنڌ ۾ 5 لک 55 هزار 920، خيبرپختونخوا ۾ 2 لک 7 هزار 820، بلوچستان ۾ 34 هزار 986، گلگت بلتستان ۾ 11 هزار 74، اسلام آباد ۾ هڪ لک 32 هزار 711، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 41 هزار 584 ڪيسز رپورٽ ٿيا. پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 14 لک 77 هزار 573 ٿي ويو آهي. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 58 هزار 77 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 13 لک 65 هزار 518 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 663 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڪرونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 39 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 9 هزار 687 ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button