اسلام آبادپاڪستان

بجلي وڌيڪ 2 رپيا 80 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : وفاقي حڪومت مهانگائي جي ماريل عوام مٿان وڌيڪ بار ڪيرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ 2 رپيا 80 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي. ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس گذريل ڏينهن وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو، حڪومتي منصوبي موجب ايندڙ پنجن مهينن دوران بجلي وڌيڪ 2 رپيا 80 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي ويندي، جنهن سان صارفين جي کيسن مان 292 ارب رپيا نڪري ويندا. ذريعن موجب هلندڙ مهيني بجلي جو بنيادي ٽيرف 63 پئسا في يونٽ جڏهن ته جولائي ۾ 2 رپيا 17 پئسا وڌايو ويندو. ان سان 85 ارب رپيا هن ئي سال جڏهن ته هڪ سال دوران 207 ارب رپين جو اضافي بار پوندو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جون 2022 تائين بجلي جو بنيادي ٽيرف 18 رپيا 9 پئسا في يونٽ ڪرڻ جو منصوبو آهي. ڪابينا جي ڪميٽي بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button