پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ بااثرن خلاف ڪڙيو گهنور جي ڪٽنب جو مظاهرو

ميرپورخاص: ڪڙيو گنهور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ارجن ڪولهي واسڻ اومي ڪولهي پنهنجي مڙس جيٺو ڪولهي ۽ معصوم ٻار سان گڏ اڳوڻن ساهرن جي زيادتين خلاف ميرپورخاص پهچي صحافين اڳيان مظاهرو ڪيو. عورت اومي ڪولهي وڌيڪ ٻڌايو ته اڳ عالم سان شادي ٿيل هئي، جيڪو 7 سال اڳ فوت ٿي ويو، جنهن بعد مائٽن جيٺو ڪولهي سان شادي ڪرائي، اڳوڻا ساهوران ريجهو ڪولهي، ڌنو، رميش، لالچند ۽ ٻين پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ ٿي چاهيون، مائٽن پاران ٻي شادي ڪرائڻ بعد ڄاڻايل ماڻهو سخت مڇرجي پيا آهن، جوابدارن گذريل ڏينهن گهر تي ڪاهه ڪري اغوا جي ڪوشش ڪئي، جوابدار اغوا ڪرڻ مڙس سميت مائٽن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏين پيا، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڄاڻايل ماڻهن جي زيادتين مان نجات ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button