پاڪستانسنڌ

پورهيت منظور نونداڻي جي قاتلن جي گرفتاري لا مظاهرا

ميرپورخاص/ميرواهه گورچاڻي: ڊگهڙي ٿاڻي جي حد ديهه 142 ۾ مارجي ويل پورهيت منظور نونداڻي جي والد ڄام نونداڻي ۽ ڀا اڪبر نونداڻي جي اڳواڻي ۾ علائقي واسين ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ مقتول جي ٻارن پڻ شرڪت ڪئي. هنن چيو ته منظور نونداڻي ڪئبن هلائي پنهنجي گهر جو گذر سفر ڪندو هو، بااثر جوابدارن طيب جٽ ۽ ملڪ ريحان کيس تاج موري تان اغوا ڪري پنهنجي اوطاق تي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو ڪيس داخل آهي. هنن چيو ته ڪيس ۾ ملوث هڪ جوابدار ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، جوابدار ڌر جا ماڻهو انتهائي بااثر آهن، جيڪي ڪيس کي لوڙهڻ لاءِ سازشون سٽي رهيا آهن. هنن اعليٰ عدالتن ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته انصاف ڏياري جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن ميرواهه گورچاڻي ۾ نونداڻي برادري جي ڪيترن ئي ماڻهن اڏي واري مسجد کان چمبڙ روڊ اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي اڪرم نونداڻي، اڪبر نونداڻي ۽ زاهد نونداڻي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. هنن گهر ڪئي ته جوابدار طيب جٽ کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button