اسلام آبادپاڪستانپنجاب

پي ڊي ايم جو حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو اعلان

لاهور: اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ اپوزيشن اتحاد جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مريم نواز سميت ٻيا اڳواڻ شهباز شريف جي گهر ۾ شريڪ ٿيا جڏهن ته لنڊن مان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف آن لائن شرڪت ڪئي. سربراهي اجلاس ۾ لانگ مارچ ۽ بي اعتمادي جي رٿ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻينداسين ۽ حڪومت جي اتحادي جماعتن سان به رابطو ڪنداسين. هن چيو ته چئي چڪو آهيان ته مان هدف هڪ ئي رکندس، حالتن جو انتظار به ڪرڻو پئجي سگهي ٿو ۽ گرائونڊ تيار ڪرڻ جا مرحلا اڃا باقي آهن، اسان پنهنجي طرفان ڀرپور ڪوشش ۽ جتن ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button