پاڪستانپنجاب

خانيوال ۾ توهين مذهب الزام هيٺ هجوم هٿان همراهه پٿر ۽ ڏنڊا هڻي قتل،85 ڄڻا گرفتار

خانيوال/اسلام آباد :نجاب صوبي ۾ خانيوال ضلعي جي تعلقي ميان چنون ۾ توهين مذهب جي الزام هيٺ مڇريل هجوم هڪ شخص کي پٿر، سرون ۽ ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ لاش وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيو. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان پيش آيل واقعي جو نوٽيس وٺندي آئي جي پنجاب پوليس کان رپورٽ گهري ورتي آهي. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته هڪ ڏينهن اڳ خانيوال جي تعلقي ميان چنون ۾ مبينا طور تي توهين مذهب جي الزام هيٺ هجوم هڪ شخص کي بي رحماڻو تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو. هجوم همراهه جو لاش وڻ سان ٽنگي ان مٿان پٿرن ۽ سرن سان حملو ڪيو. سوشل ميڊيا تي هلندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته همراهه تي هجوم پٿر وسائي رهيو آهي ۽ بيدردي سان تشدد ڪيو پيو وڃي. پوليس موجب هجوم هٿان مبينا طور تي توهين مذهب جي الزام ۾ قتل جو واقعو گذريل ڏينهن تلمبا ۾ پيش آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي سڃاڻپ مشتاق جي نالي سان ٿي ۽ هو خانيوال جو رهواسي هو.پوليس موجب هجوم هٿان شهري جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس 33 نامزد ۽ 300 اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ هو ته تلمبا ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي فرياد تي قتل ۽ دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ترجمان موجب ڪيس ۾ گرفتاريون به ڪيون ويون آهن، وڌيڪ گرفتارين لاءِ سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان ڇاپا هنيا پيا وڃن. هن وقت تائين پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته 15 مرڪزي جوابدارن سميت 85 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پنجاب پوليس پنهنجي رپورٽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي پيش ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان ميان چنون ۾ پيش آيل واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪنهن فرد يا ٽولي پاران قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش بلڪل برداشت نه ڪئي ويندي. عمران خان چيو ته هجوم جي تشدد کي نهايت سختي سان چٿينداسين. آئي جي پنجاب کان ميان چنو واقعي جي ذميوارن جو تفصيل گهريو آهي. وزيراعظم چيو ته فرض نڀائڻ ۾ ناڪام رهندڙ پوليس اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جو تفصيل به طلب ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button