اسلام آبادپاڪستان

فرسٽ ڪلائوڊ پاليسي ۽ پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل منظور

اسلام آباد : وفاقي ڪابينا فرسٽ ڪلائوڊ پاليسي ۽ پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل منظور ڪري ورتو. آئي ٽي جي وفاقي وزير امين الحق ٻڌايو ته اهم بل ۽ پاليسي جي منظوري تي وزيراعظم ۽ ڪابينا جا ٿورائتا آهيون. پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل پارليامينٽ مان منظوري کان پوءِ ايڪٽ بڻجي ويندو. وفاقي وزير چيو ته بل جو مقصد شهرين، سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي آن لائن ڊيٽا جي پرائيويسي يقيني بنائڻ آهي. سمورا لاڳاپيل ادارا ڊيٽا، خدمتن ۽ سسٽم جي سائبر سيڪيورٽي سان سلهاڙجي ويندا. هن چيو ته ڪلائوڊ فرسٽ پاليسي وفاقي وزارتن، کاتن، خودمختيار ادارن جو احاطو ڪندي. وفاقي وزير چيو ته وزارتن ۽ ادارن جي مختلف ڊيٽا سينٽرز تي ڳرن خرچن ۽ اپ گريڊيشن جو عمل مشڪل ٿئي ٿو. وفاقي وزارتن ۽ کاتن جا ڊيٽا سينٽر گهربل گهرجن سان تيار ڪلائوڊز تي مرحلي وار منتقل ٿيندا. امين الحق چيو ته سڌريل ملڪن جون حڪومتون به سرڪاري کاتن جي ڊيٽا لاءِ ڪلائوڊز خدمتون حاصل ڪن ٿيون. منظوري کان پو آئي ٽي وزارت تحت ڪلائونڊ بورڊ، ڪلائوڊ آفيس، ڪلائونڊ ايڪويزيشن آفيس قائم ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته ڪلائوڊ بورڊ ۾ سيڪريٽري، آئي ٽي چيئرمين، چئني صوبن جا سيڪريٽريز ۽ ٻه آئي ٽي ماهر ميمبرز هوندا. هن چيو ته ڪلائوڊ آفيس ڪلائوڊ سروس پروائيڊرز جي ايڪريڊيشن، ڪوائٽي، سيڪيورٽي ۽ آئي ٽي معاملن جي محڪماڻي نگراني ڪندو. وفاقي وزير چيو ته ڪلائوڊ ايڪويزيشن آفيس مختلف ادارن کي ڪلائونڊ سروسنگ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button