پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

تيل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ، پيٽرول 12 رپيا مهانگو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت هڪ ئي ڌڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان پيٽرول ملڪي تاريخ جي سڀ کان بلند سطح 159 رپيا 86 پئسا في لٽر تي پهچي ويو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول 12 رپيا 3 پئسا في ليٽر تي مهانگو ٿيڻ بعد 159 رپيا 86 پئسا ٿي ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 53 پئسا في ليٽر اضافي کانپو ان جي نئين قيمت 154 پريا 15 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 10 رپيا 8 پئسا في ليٽر واڌارو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي نئين قيمت 126 رپيا 56 پئسا في ليٽر هوندي. لائيٽ ڊيزل جي قيمت 9 رپيا 43 پئسن جو اضافو ٿيڻ سان ان جي نئين قيمت 123 رپيا 97 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button