پاڪستانسنڌ

حڪمران آءِ ايم ايف جي ايجنڊائن تي ھلي رھيا آھن: عوامي تحريڪ

حيدرآباد: عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ لال جروار پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ حڪومت پاران ڪيل ڳاٽي ٽوڙ واڌ جي مذمت ڪندي چيو آھي تھ وفاقي توڙي صوبائي حڪمرانن مھانگائي ۾ اضافو ڪري عوام کي غلامي کان بھ بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو آھي.

ملڪ جا حڪمران آءِ ايم ايف ۽ ٻين سامراجي ادارن جي ايجنڊائن تي ھلي رھيا آھن. حڪمران طبقو ملڪ جي عوام جي بدران سامراجي ادارن جي فائدن واريون پاليسيون ٺاھي ملڪ سان غداري ڪري رھيو آھي. عوام دشمن حڪمران ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ڪري غريبن کان جيئڻ جو حق بھ ڦريو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button