پاڪستانسنڌ

رتيديري ۾ پٽ پنهنجي جنت ويران ڪري ڇڏي

رتوديرو لڳ ڪارنھن الزام ھيٺ جوابدار فائرنگ ڪري پنھنجي ما کي قتل ۽ نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو، جوابدار کي وارثڏنو ماڇي پوليس پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب رتيديري لڳ ڳوٺ سبزل بروھي ۾ ڪارنھن الزام تان جوابدار غلام اڪبر بروھي پسٽل جا فائر ڪري پنھنجي ما سسئي بروھي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته داد محمد پٽ نبي بخش بروھي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنھن کي علاج لا لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ نيو ويو، جتي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

وارث ڏنو ماڇي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولا جي لاش کي تعلقه اسپتال رتوديرو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او وارث ڏنو ماڇي نور احمد مغيري چيو ته واقعو ڪارنھن الزام تان پيش آيو آھي، جوابدار غلام اڪبر بروھي کي پسٽل سميت گرفتار ڪيو آھي، سرڪار طرفان واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button