
ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ موريو ساند جي رهواسي زال ۽ مڙس علائقي جي بااثرن خلاف احتجاج ڪيو. بعد ۾ پريس ڪلب ۾ زال سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي دوست محمد ساند چيو ته منهنجي گهرواري ۽ منهنجي ڀيڻ تي علائقي جي بااثر زميندار بناجواز تشدد ڪيو آهي، شڪايت ڪرڻ باوجود مشائخ هوٿي ٿاڻي جي پوليس منهنجو ڪيس داخل ڪرڻ بدران بااثرن جو ساٿ ڏنو ۽ منهنجي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. اسان کي حراسان ڪيو پيو آهي، پوليس بااثرن جي ونگار وهي پئي. زال مڙس آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان گهر ڪئي ته عورتن تي تشدد ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.