پاڪستانسنڌ

جهول ۾ ڇاپو، رهواسين جي مزاحمت، هڪ ڄڻو گرفتار

جھول: جھول ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪرڪلي ۾ ايس ايڇ او جھول نياز حسين ڪلھوڙو نفري ساڻ ڪري راڻا رياض احمد راجپوت جي گھر تي منشيات ھجڻ جي اطلاع تي ڪڙو چاڙھي گھر جو گهيرا ڪيو، جنهن تي گھر جي مالڪن جي چوڻ تي پوليس کي آسپاس جي ماڻهن گھر جي تلاشي نه وٺڻ ۽ ماٺ ڪري واپس موٽي وڃڻ لا دٻا وجھي پوليس سان مزاحمت ڪئي، اھڙي صورتحال کانپو ايس ايڇ او جھول ايس ايس پي سانگھڙ سان رابطو ڪري سڄي صورتحال کان آگاهھ ڪيو، جنهن بعد واقعي واري ھنڌ سي آئي اي انچارج سانگھڙ طفيل احمد ڀٽو سميت ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس سر زمين تي پھچي ليڊيز اھلڪارن جي مدد سان گھر ۾ داخل ٿي تلاشي ورتي ۽ 20 ھزار کان وڌيڪ انڊين گٽڪي جون پڙيون ھٿ ڪري ورتيون، جنهن بعد پوليس ھڪ جوابدار رياض احمد راجپوت کي گرفتار ڪري جھول ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ مٿس منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو. ھوڏانھن ايس ايڇ او جھول نياز حسين ڪلھوڙو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار ڪافي عرصي کان پوليس کي گھربل ھو. گذريل رات اطلاع تي ڇاپو ھڻي کيس منشيات سوڌو گرفتار ڪيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button