پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد ۾ ٻن ٻارن جي ما جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ

ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد جي وارڊ نمبر ھڪ جي ڪبير نگر ڪالوني ۾ 45 ورھين جي عورت ٻن ٻارن جي ما لڇمي زال منگل رٻاري جو گھر مان ڦاھو کاڌل لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش کڻائي اسپتال آندو، پوليس عورت جي پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر جاري ڪيو، پر عورت جي ڀا سڄڻ رٻاري پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنھن بعد ليڊي ڊاڪٽر ظاھري طور موت جو سبب ڄاڻڻ لا طبي معائنو ڪيو، بعد ۾ پوليس لاش وارثن حوالي ڪيو. عورت جي ڀا سڄڻ رٻاري ٻڌايو ته ڀيڻ گھريلو اڻبڻت سبب پريشان رھندي ھئي، ھن گھريلو پريشانين مان تنگ ٿي اھڙو قدم کنيو آھي، لاش دفنائڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪنداسين. هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته مائٽن ڪيس داخل ناهي ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button