پاڪستانسنڌ

مٺي حادثي ۾ زخمي ٿيل 4 مزدورن مان هڪ فوت

مٺي: مٺي ۾ گذريل ڏينهن ٿرڪول ايريا مان ايندڙ تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل 4 مزدورن مان هڪ زخمي سليم ولد قاسم بجير زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. با پاس تي ڪنڊي اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڊمپر روڊ ڪناري بيٺل مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب مزدا ۾ ويٺل مٺي واسي 4 مزدور زخمي ٿيا هئا، حادثي جي ٻن زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو هو، جن مان نوجوان مزدور سليم ولد قاسم بجير فوت ٿي ويو آهي، نوجوان مزدور جو لاش بجير محلي مٺي گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن ڊرائيور گرفتار هجڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ٻئي پاسي حيدرآباد اسپتال ۾ داخل اقبال بجير جي حالت به خراب ٻڌائي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button