سنڌ

اوٻاوڙو ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان جهيڙي ۾ 2 ڄڻا قتل

اوٻاوڙو ڀرسان ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڪچي ۾ ڪارنھن تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب سالار بگٽي موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته علي بخش بگٽي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. اطلاع باوجود ماڇڪو پوليس ھڪ ڪلاڪ دير سان پھچي مقتولن جا لاش کڻائي تعلقي اسپتال صادق آباد پھچايا، جتي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. ھوڏانھن ٻنھي مقتولن جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button