اسلام آبادپاڪستان

محسن بيگ جي رمانڊ ۾ 3 ڏينهن واڌ،آ جي کان رپورٽ طلب

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ محسن بيگ مٿان پوليس تشدد خلاف آءِ جي اسلام آباد کان 21 فيبروري تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافي محسن بيگ مٿان دهشتگردي ۽ ٻيا ڪيس رد ڪرڻ وارين درخواستن تي شنوائي ٿي. درخواست گذار محسن بيگ جي گهر واري جي وڪيل لطيف کوسا چيو ته محسن بيگ پوليس وٽ گرفتاري دوران زخمي ٿيو. ساڻس وڏي مشڪل سان ملاقات ٿي، ملاقات دوران محسن بيگ چيو ته مون کي 15 ماڻهن ايس ايڇ او جي ڪمري ۾ مارڪٽ ڪئي. محسن بيگ مٿان ٿاڻي ۾ سخت تشدد ڪيو ويو. ڪالهه ته مون کي ملڻ ئي نه ڏنو ويو. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست ڏئي رهيا آهيو پر جيڪو متاثر ٿيو آهي اهو به درخواست ڏئي سگهي ٿو. جيڪو جوابدار آهي جيڪڏهن ڪيس ختم ڪرائڻ چاهي ته صرف اهوئي درخواست داخل ڪري سگهي ٿو. اها پٽيشن جوابدار طرفان داخل ناهي ڪئي وئي، ان لاءِ نٿا ٻڌي سگهون. جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ محسن بيگ مٿان تشدد بابت آءِ جي اسلام آباد کان 21 فيبروري سومر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي. هاءِ ڪورٽ پوليس کي صرف قانون موجب ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته محسن بيگ تائين وڪيل جي پهچ کي نه روڪيو وڃي. درخواستگذار جي وڪيل جي استدعا تي عدالت محسن بيگ طرفان درخواست داخل ڪرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي. هوڏانهن دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت محسن بيگ جي جسماني رمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. عدالت ۾ صحافي جي خلاف ڪيس جي شنوائي ٿي ته پوليس کيس عدالت ۾ پيش ڪيو. ان دوران وڪيل لطيف کوسي دليل ڏيندي چيو ته اينڪر پروگرام ۾ پڇيو ته مراد سعيد کي ڇو پهريون نمبر ڏنو ويو؟ محسن بيگ اينڪر کي جواب ڏنو مون کي خبر ناهي، شايد ريحام جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، ان ۾ توهين ڪٿان ٿي وئي؟ محسن بيگ نه ڪتاب لکيو نه پبلش ڪيو، ان مٿان پيڪا جا قلم ڪيئن لڳي ويا. مراد سعيد ايف آءِ آر ۾ ريحام جي ڪتاب جو صفحو نمبر 273 جو حوالو ڏنو. مراد سعيد پاڻ ٻڌائي رهيو آهي ته ريحام جي ڪتاب ۾ سندس حوالي سان ڪٿي ۽ ڇا لکيل آهي جيڪڏهن گرفتار ڪرڻو آهي ته ريحام خان کي ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button