اسلام آبادپاڪستان

بي اعتمادي جون ڳالهيون ڪندڙن مٿان گهر وارا به ڀروسو نٿا ڪن:فواد چوڌري

لاهور:سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن پنهنجي پيرن تي نٿي بيهي سگهي، لانگ مارچ ڇا ڪندو؟ هي چون ٿا بي اعتمادي جي رٿ آڻينداسين، هنن جي مٿان ته پنهنجا گهر وارا به ڀروسو نٿا ڪن. پنڊ دادن خان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته لانگ مارچ وارن کان مارچ ته پري پر واڪ به ناهي ٿي. اپوزيشن عمران خان کي چئلينج ڪري ٿي پر پنهنجي پيرن تي به نٿي بيهي سگهي. فواد چوڌري چيو ته پيپلز پارٽي لبرل ۽ جي يو آءِ مذهبي پارٽي آهي، هي ڇا جي لاءِ گڏ ٿيا؟ مولانا فضل الرحمان مدرسي جي ٻارن کان لانگ مارچ ڪرائيندو. هي سمجهن ٿا ته مدرسي جا ٻار لانگ مارچ ڪامياب ڪرائيندا. وفاقي وزير چيو ته نوازشريف لنڊن وڃڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهايو، مريم صفدر به عدالتن جي سامهون ڪوڙ ڳالهائيندي آهي. عوام جا پئسا چوري ڪندڙن کي چوان ٿو ته پهريان اهو پئسو واپس ڪريو پوءِ سياست ڪريو. آصف زرداري ۽ نوازشريف قرض نه وٺن ها ته اڄ ادائيگي جي لاءِ وڌيڪ قرض نه کڻڻو پوي ها. شهباز شريف عدالت ۾ چيو ته جيڪي ڪاپيون ڏنيون ويون آهن اهي پڙهي به نٿيون سگهجن. شهباز شريف چوي ٿو ته مس صحيح ناهي، هنن کان چارج فريم نٿو پڙهي سگهجي. هنن کي هاڻ ڪاپيون پڙهڻ جي لاءِ به استاد جي ضرورت پوندي. فواد چوڌري چيو ته 18هين ترميم تي صحيحون ڪيون ويون ۽ پنجاب کي گئس کان محروم ڪيو ويو. بلاول ڀٽو جي سياست ختم ٿي رهي آهي، هي ۽ مريم صفدر هاڻ رڳو ميئر جون چونڊون وڙهي ڏيکارين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button