عالمي

احمد آباد بم ڌماڪي جي ڪيس ۾ 38 ڄڻن کي موت جي سزا

نئين دهلي : ڀارتي عدالت احمد آباد بم ڌماڪي جي ڪيس ۾ 38 ڄڻن کي موت جي سزا ۽ 11 کي عمر قيد ٻڌائي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب گجرات جي اسپيشل ڪورٽ 26 جولاءِ 2008ع تي احمد آباد ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. انهن ڌماڪن ۾ 56 ڄڻا مارجي ويا ۽ 200 جي ويجهو زخمي ٿيا هئا. جڏهن ته عدالت ان ڪيس ۾ 49 ڄڻن تي فرد جرم لاڳو ڪيو هو ۽ 28 کي بري ڪري ڇڏيو هو. گجرات جي اسپيشل ڪورٽ ڪيس تي فيصلو ٻڌائيندي نامزد 49 جوابدارن مان 38 کي موت جي سزا ۽ 11 کي عمر قيد ڏني. ڪيس جي شنوائي دوران سمورا جوابدار عدالت ۾ ورچوئل پيش ٿيا، جڏهن ته گجرات هائيڪورٽ عدالت ان فيصلي جي منظوري ڏني آهي. گجرات جي اسپيشل عدالت گذريل سال ڪيس ۾ 77 جوابدارن خلاف ٽرائل مڪمل ڪيو هو. پوليس جو چوڻ هو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي ۽ اها تنظيم ڌماڪن ۾ ملوث هئي. ڀارتي ميڊيا موجب احمد آباد بم ڌماڪن کان پوءِ مختلف ڪارروائين ۾ بم به هٿ ڪيا ويا هئا ۽ 35 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button