اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 43 ماڻهو فوت،هڪ هزار نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي گذريل 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 43 ڪرونا مريض فوت ٿي ويا. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ هڪ هزار 232 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڌيڪ 3 هزار 154 مريض صحياب ٿي ويا. جڏهن ته ڪل مريضن جو انگ 15 لک 3 هزار 873 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 64 هزار 262 علاج هيٺ آهن، مريضن مان هڪ هزار 230 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 41 هزار 744 وڌيڪ ٽيسٽون ڪيون ويون. جڏهن ته ڪل 2 ڪروڙ 62 لک 16 هزار 305 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button