لاهوروفاقي حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ، پيپلزپارٽي ۽ نوازليگ جي قيادت وچ ۾ اهم معاملن تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي. اڳوڻي صدر ۽ پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪير ڇا به چوي توهان اسان جا وزيراعظم جا اميدوار آهيو. ان ڏس ۾ حڪومت کي ڪيرائڻ واري مشن تي اپوزيشن بي اعتمادي رِٿ تي مشاورت ۽ ملاقاتن جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي صدر آصف زرداري، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه فضل الرحمان وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي. ڪالهه آصف علي زرداري هڪ وفد سان گڏ ماڊل ٽائون ۾ شهباز شريف جي رهائشگاهه پهتو، جنهن ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، پارلياماني ليڊر حسن مرتضيٰ ۽ ٻيا شامل هئا. شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان آصف علي زرداري ۽ بلال ڀٽو جو استقبال ڪيو، ملاقات ۾ حڪومت مخالف تحريڪ جي حوالي سان مخالف ڌر جي اڳواڻن وچ ۾ اهم مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب گڏيل اجلاس کان علاوه آصف زرداري، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو جي به الڳ الڳ ملاقات ٿي آهي. بلاول هائوس ۾ پ پ ۽ جي يو آءِ قيادت جي ملاقاتن جا الڳ الڳ دور به ٿيا. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن تجويز ڏني ته حتمي فيصلو مرڪزي قيادت ڪندي ۽ نمبر ون کي نشانو بڻايو ويندو، باقي پاڻ ڪري پوندا. اتحادين سان ڳالهيون جاري رهنديون ۽ اتحادين کانسواءِ به نمبر گيم مڪمل ٿيندي. ذريعن موجب ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سڌي ريت عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ آندي وڃي، بوزدار يا اسد قيصر کي بعد ۾ ڏٺو ويندو. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان ۽ شهبازشريف وچ ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ اڪرم دراني، مولانا اسد رحمان، مولانا امجد خان، سردار اياز صادق، خواجه سعد رفيق ۽ مريم اورنگزيب شريڪ ٿي. ذريعن مطابق شهبازشريف اتحاد جي سربراهه کي گذريل ڏينهن بلاول هائوس لاهور ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت سان ٿيندڙ ملاقات تي اعتماد ۾ ورتو. ان موقعي تي بي اعتمادي رٿ سميت حڪومت جي خلاف مختلف معاملا به غور هيٺ آيا، ملاقات ۾ سياسي صورتحال خاص ڪري بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان هن وقت تائين جي سرگرمين ۽ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اڳواڻن بي اعتمادي رٿ ۽ ٻين آپشنز جي حوالي سان کلي ڳالهايو ۽ جائزو ورتو. ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته اپوزيشن پهريان وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي اتفاق ڪري ورتو. جڏهن ته قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي خلاف بي اعتمادي رٿ بعد ۾ پيش ڪئي ويندي. بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ جو ٽاسڪ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حوالي ڪيو ويو آهي. هڪ خانگي ٽي وي ذريعن جي حوالي سان چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري شهبازشريف جو نالو وزيراعظم طور پيش ڪري ڇڏيو آهي. مولانا فضل الرحمان ۽ وڊيو لنڪ تي موجود نوازشريف به شهبازشريف جي نالي تي اتفاق ڪيو آهي. اجلاس ۾ (ن) ليگ ۽ پ پ جي اڳواڻن پنهنجا پنهنجا سياسي ڪارڊ هڪٻئي سان شيئر ڪيا آهن. ذريعن موجب آصف علي زرداري اجلاس ۾ حڪومتي اتحادي پارٽين مسلم ليگ (ق)، بلوچستان عوامي پارٽي سان ٿيندڙ هاڪاري رابطن جي حوالي سان به آگاهه ڪيو. ذريعن موجب ملاقات ۾ آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جي چوڌري ڀائرن سان رٿيل ملاقاتن جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻئي طرف وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جي معاملي تي اپوزيشن جماعتن پنهنجي قومي اسيمبلي ميمبرن کان صحيحون ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيون. ذريعن موجب اپوزيشن جماعتن 24 حڪومتي ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جن ۾ ن ليگ ۽ پ پ 6-6، جي يو آءِ 2 ميمبرن جي حمايت جي دعويٰ ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close