اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم ايف آءِ اي کي پيڪا ترميمي آرڊيننس تحت گرفتارين کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد :وزيراعظم آفيس ايف آءِ اي کي پيڪا ترميمي آرڊيننس تحت گرفتاري کان روڪي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه وزيراعظم عمران خان ڊي جي ايف آءِ اي کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته پيڪا ترميمي آرڊيننس تي عملدرآمد لاءِ قانون ۽ ضابطا ٺاهڻ تي ڪم هلي رهيو آهي. قانون ۽ ضابطا تيار ٿيڻ تائين ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم طرفان ان حوالي سان هدايتون جاري ڪيون ويون هيون، جيڪي هاڻي ڊي جي ايف آءِ اي تائين پهچايو ويون آهن. وزيراعظم آفيس طرفان جاري هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته پيڪا ترميمي آرڊيننس تي عملدرآمد لاءِ قانونن تي ڪم جاري آهي. قانون تيار ٿيڻ تائين ڪنهن کي گرفتار نه ڪيو وڃي. پيڪا آرڊيننس تي ڪيئن عمل ڪرڻو آهي، قانونن ۾ سمورا تفصيل شامل هوندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button