اسلام آبادپاڪستان

ڪيلاش ميگهواڙ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي ترقي ماڻيندڙ پهرين هندو آفيسر

اسلام آباد : ڪيلاش ڪمار پاڪ فوج ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي ترقي ماڻيندڙ پهرين هندو آفيسر جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.پاڪ فوج ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي ترقي ماڻيندڙ ڪيلاش ڪمار جو واسطو ٿرپارڪر ضلعي سان آهي ۽ هو پهريون هندو آفيسر آهي، جنهن کي پاڪ فوج ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. پاڪستان جي سرڪاري نشرياتي اداري پي ٽي وي طرفان به سوشل ميڊيا تي ڪيلاش ڪمار جي ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي ترقي ماڻڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ڪميونٽي سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ سول سوسائٽي سميت ٻين طرفان سرهائي جو اظهار ڪندي مبارڪون ڏنيون پيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button