
اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا ترميمي آرڊيننس خلاف نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. ان ڏس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته پارليامينٽ جو فورم موجود آهي. سياسي پارٽيون عدالت جو در کڙڪائڻ بدران پارليامينٽ ۾ وڃن. سياسي پارٽيز غير ضروري شيون عدالت ۾ نه آڻين. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيڪا ترميمي آرڊيننس خلاف پ پ ۽ نواز ليگ جي درخواست رد ڪندي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته مجلس شوريٰ کي مضبوط ڪرڻو آهي، سياسي پارٽيز طرفان عدالت ۾ اچڻ مجلس شوريٰ جي بي توقيري ڪرڻ جي برابر آهي. چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ جو تمام وڏو اختيار آهي، اُها آئين ۾ ترميم به ڪري سگهي ٿي. اصل اسٽيڪ هولڊرز آرڊيننس کي چئلينج ڪيو آهي، اُنهن وٽ ڪو متبادل فورم به نه آهي. معزز جج چيو ته اپوزيشن وٽ سينيٽ ۾ اڪثريت آهي، جيڪي پارٽيز حڪومت ۾ رهي چڪيون آهن. اُهي به آرڊيننس آڻينديون آهن،سياسي پارٽيز مجلسِ شوريٰ کي مضبوط ڪن. چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ کي آئين ۾ ترميم جو وڏو اختيار آهي. هي عدالت ان معاملي تي سياسي پارٽي جي درخواست نه ٻڌندي، هي عدالت يقين ڏياري ٿي ته ڪنهن به سياسي پارٽي جي درخواست نه ٻڌندي.