اسلام آبادپاڪستانپنجاب

پنجاب ۾ 2017 کان هيل تائين توهين مذهب جا 345 واقعا ٿيا:پنجاب پوليس

اسلام آباد : سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال پنجاب ۾ توهين مذهب جا 14 واقعا ٿيا، انهن ۾ 90 سيڪڙو نوجوان ئي ملوث آهن. ميان چنو واقعي ۾ مسجد مان اعلان ٿيو، جنهن تي مڇريل ماڻهن هڪ شخص کي پٿر ۽ لٺيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي ۾ ملوث اڪثريت 25 کان 30 سالن جي اڻ پڙهيل نوجوانن جي هئي. ميان چنو واقعي ۾ مسجدن جي پيش امام سميت 130 ماڻهو گرفتار ٿي چڪا آهن. جمعي تي چيئرمين وليد اقبال جي صدارت هيٺ انساني حقن بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميان چنو ۾ توهين مذهب جي الزام تي مڇريل ماڻهن هٿان هڪ شخص جي قتل جي واقعي تي بحث ٿيو. ڊي پي او ميان چنو محمد نديم بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حادثي واري هنڌ تي 200 مڇريل ماڻهو هئا، ٽيم پهچڻ تي مڇريل ماڻهن پوليس تي به حملو ڪيو. ميڙ ۾ اڪثر 25 کان 30 سالن جا نوجوان هئا. پنجاب جي آئي جي محمد سلطان ٻڌايو ته هلندڙ سال بي حرمتي جا 14 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. موقعي جي مناسبت سان هوائي فائرنگ سميت قدم کڻڻا پون ٿا. ڪميٽي ميمبر طاهر بزنجو چيو ته مڇريل عوام جي سوچ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪميٽي چيئرمين واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ وزارت، معاشرو، پوليس سميت سمورن رياستي ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڪميٽي چيئرمين اسٽيڪ هولڊرز کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان صدر ۽ سينيٽ چيئرمين کي خط لکڻ جو به اشارو ڏنو. ايڊيشنل آ جي پنجاب آپريشن ڪميٽي کي ٻڌايو آهي ته پنجاب ۾ 2017 کان 2022 تائين توهين مذهب جا 345 واقعا پيش اچي چڪا آهن. هن چيو ته اهي واقعا خالص پنجاب ۾ ئي پيش آيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button