پاڪستانسنڌ

ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ متحرڪ ۽ بي لوث سياسي اڳواڻ ھو: عوامي تحرڪ

حيدرآباد: عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ جي اوچتي وڇوڙي تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي تھ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ سنڌي ۽ بلوچن سميت ملڪ جي سمورين قومن جي اتحاد لاءِ پنھنجي سموري حياتي جاکوڙيندو رھيو.

ھو رسول بخش پليجي صاحب جي ويجھن دوستن مان ھڪ ھو. ھو انتھائي متحرڪ ۽ بي لوث سياسي اڳواڻ ھو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آھي تھ ڊاڪٽر عبدالحيٰ بلوچ جي وڇوڙي تي عوامي تحريڪ سندس خاندان ۽ بلوچ قوم سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button