پاڪستانسنڌ

نندو لڳ اسڪول تي هٿياربندن جو حملو، ڀڃ ڊاهه، سار لهندڙ تي تشدد

نندو: نندوشھر ويجھو ڳوٺ مبارڪ سولنگي ۾ رات دير سان 2 هٿياربندن سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سھڪار سان ھلندڙ اسڪول ۾ موجود فرنيچر، دروازا، دريون ۽ ٻيو سامان ٽوڙي ڇڏيو. جڏھن ته منع ڪرڻ تي اسڪول جي سار سنڀال ڪندڙ ڳوٺاڻي اصغر سولنگي تي پڻ تشدد ڪندي سندس گھر جا دروازا ٽوڙي ڇڏيا. اسڪول ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ خلاف اسڪول جي سوين شاگردن طرفان سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي وئي.

شاگردن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي اسڪول جي سار سنڀال ڪندڙ ڳوٺاڻي اصغر سولنگي ٻڌايو ته رات ديرسان ٻن ھٿياربندن اسڪول ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جنھن تان کين منع ڪئي ته انھن مون تي حملو ڪري تشدد ڪيو ۽ منھنجي گھر جا دروازا پڻ ٽوڙي ڇڏيا. اسڪول جي استادن گلزار پنھور ۽ ٻين ٻڌايو ته اسڪول ۾ نياڻين سميت 300 ٻارڙا تعليم پرائين ٿا، اسڪول جي فرنيچر ٽوڙڻ جي ڪري ٻارن ۾ سخت بيچيني ۽ خوف آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button