اسلام آبادپاڪستان

شاگردن لاءِ جلد بل آڻي رهيا آهيون،ٻوٽا لڳائڻ تي 3 مارڪون ملنديون:زرتاج گل

اسلام آباد :موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير زرتاج گل چيو آهي ته 1947 ۾ پاڪستان 33 سيڪڙو ٻيلن تي ٻڌل هو، جيڪو 1995 ۾ 4 سيڪڙو تي اچي ويو. صرف لاهور ۾ 70 سيڪڙو وڻ وڍجي چڪا آهن. ماڻهو سمجهن ٿا ته سياستدان چور آهن، سڀ چور نه آهن ڪجهه سٺا به هوندا آهن. راولپندي ۾ خانگي يونيورسٽي جي تقريب کي خطاب ڪندي زرتاج گل چيو ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان آهي. دنيا جي ماحولياتي تبديلي ۾ پاڪستان جو هڪ سيڪڙو به حصو نه آهي. بلوچستان ۾ پاڻي جي سطح 12 فوٽ کان هيٺ ڪري چڪي آهي. هن چيو ته هڪ ارب 47 ڪروڙ وڻ لڳائي چڪا آهيون. اسان ماڻهو صفائي نصف ايمان کي نٿا ڏسون، پنهنجي گندگي کڻڻ لاءِ ترڪي ۽ چين سان معاهدا ڪري وٺون ٿا. اسان پوليٿن بيگ تي پاليسي ٺاهي جتي جهرڪي به اڏامي نٿي سگهي اتي شاپر نظر اچي ٿي. هن چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ جلد بل آڻي رهيا آهيون، گريجوئيٽس کي ٻوٽا لڳائڻ تي 3 نمبر ملندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button