پاڪستانسنڌ

ماتلي ۾ بااثر شخص خلاف پورهيت جو احتجاج

ماتلي: ماتلي جي قاضي پاڙي وارڊ ھڪ جي رھواسي رضا علي خاصخيلي پريس ڪلب پھچي ميونسپل ڪميٽي ماتلي جي اڳوڻي چئئرمين عبدالرئٔوف نظاماڻي خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته ھو گذريل ڏينهن پنهنجي ھٿياربند ساٿين سان گڏ سندس گھر ۾ داخل ٿي، سندس پٽ مظھر جي پڇا ڪئي، جنهن کي ھو لاتعلق ڪري چڪو آھي. ھن چيو ته منهنجي جواب ڏيڻ تي ھن مون کي منهنجي گھرواري ۽ نياڻين کي گارگند ڪري ۽ مارڻ جي ڪوشش ڪئي. هن مطالبو ڪيو ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button