سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير غوث علي شاهه تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويو. غوث علي شاهه گورنر هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
اڳوڻو وفاقي وزير سيد ظفر علي شاهه ۽ بئريسٽر مرتضيٰ مهيسر به تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويا آهن، انهن گورنر هائوس ڪراچي ۾ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات کانپوءِ باقاعدي طور تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.
وزيراعظم عمران خان جي ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سان پڻ ملاقات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.