پاڪستانسنڌ

وڏي وزير کي چوان ٿو ته ڀنڊار ٻيٽ منصوبي تي نظرثاني ڪري:وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي شهر ٺهڻ سان ترقي ٿيندي، سنڌ جو وڏو وزير ٻيٽن بابت منصوبي تي نظرثاني ڪري.

ڪراچي ۾ ڪي سي آر منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ۽ سنڌ حڪومتن کي سياسي اختلاف ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته وڏي وزير کي چوان ٿو ته ڀنڊار ٻيٽ منصوبي تي نظرثاني ڪري، ان منصوبي لاءِ ٻاهريان ماڻهو پئسو آڻڻ لاءِ تيار آهن، سمنڊ پار پاڪستاني اسان جي ضرورت آهن، پاڪستان ۾ ڊالر ايندو ته ڪرنسي مضبوط ٿيندي، ڀنڊار ٻيٽ منصوبي سان سڄو فائدو سنڌ کي ٿيندو، ان معاملي تي سنڌ حڪومت سان وڌيڪ ڳالهائينداسين

. هن چيو ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ڪيتريون ئي اهڙيون شيون آهن جيڪي وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت بنا نٿي ڪري سگهي.

تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، گورنر سنڌ عمران اسماعيل، وفاقي وزير انفرميشن فواد حسين چوڌري، وفاقي وزير علي زيدي، وفاقي وزير ريلوي اعظم سواتي پڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button