سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ڪاليج نان ٽيچنگ ايسوسئيشن پاران احتجاجي مظاهرو

سنڌ ڪاليج نان ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسيئشن ريجن لاڙڪاڻي پاران ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي عبدالباري انڍڙ خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي بوائز ڊگري ڪاليج کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن عابد حسين ڀٽي، منير حسين سومرو، پير بخش ابڙو، ذوالفقار علي، عبدالقادر ڀٽو، هوندو خان بجاراڻي، محمد سچل مهر سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي عبدالباري انڍڙ ڪجھه وقت اڳ سکر ريجن جو ڊائريڪٽر هو، جتي هن ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا، جيڪو رڪارڊ اڄ به سکر ريجن جي ڊائريڪٽوريٽ آفيس ۾ موجود آهي، جڏهن ته عبدالباري انڍڙ مٿان ان وقت جي چيف سيڪريٽري 3 سالن لاءِ ايڊمنسٽريٽ پوسٽ لاءِ پابندي لڳائي هئي، ان باوجود کيس ڪراچي ريجن جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي. هنن وڏي وزير، تعليم جي صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري کي اپيل ڪئي ته ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي عبدالباري انڍڙ کي هٽائي ايماندار ڊائريڪٽر مقرر ڪري ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button