پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو جي کليل ڪچهري احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو ۽ وڏي وزير جي ڪوآرڊينيٽر حنا دستگير جي لاڙڪاڻي آمد جي موقعي تي مختلف ڌرين مسئلن جي حل لاءِ بيگم نصرت ڀٽو ميموريل هال ٻاهران الڳ الڳ احتجاج ڪيا. صوبائي وزير جي کلي ڪچهري بد نظمي جو شڪار ٿي وئي، هال جي مرڪزي دروازي تي بنا ويڪسين ڪرايل ماڻهن کي اندر اچڻ جي اجازت نه هجڻ باوجود ڪنهن جو ويڪسين ڪارڊ چيڪ نه ڪيو ويو، هال اندر صحافي گيلري سميت عوامي سيٽن تي جيالا، جياليون، بيوروڪريٽس ۽ سرڪاري ملازمن جو قبضو رهيو، ٻئي پاسي هال ۾ اندر شڪايت ڪندڙ شهرين ۽ سوشل ورڪرن کي جيالا سرعام ڌڪا ڏيندا ۽ ڌمڪائيندا رهيا، جڏهن ته اسٽيج جا فرض نڀائيندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو احمد علي سومرو شڪايتون ڪندڙن کي صوبائي وزير پاران جواب ڏيڻ کان اڳ ئي ٻين کي سوال ڪرائيندو رهيو ۽ شڪايتون ڪندڙ عوام جون مائيڪ بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندو رهيو. هوڏانهن کليل ڪچهري ۾ پير شير روڊ جي محمد سليم جتوئي صوبائي وزير کي شڪايت ڪندي چيو ايس ايس پي لاڙڪاڻو ٿو چوي ته منشيات صرف علي گوهر آباد ٿاڻي حد ۾ هلي رهي آهي، جنهن تي مان سوال ڪرڻ ٿو چاهيان ته ڇا علي گوهر آباد لاڙڪاڻي جو محلو ناهي؟ هن چيو ته پير شير روڊ تي سرعام منشيات گهرن ۽ دڪانن تي هلڻ ڪري يونيورسٽي مان پڙهيل ڀاءُ محمود جتوئي بئرسٽر به هيروئني ٿي ويو ۽ ٻيا گهر وارا به منشيات جا عادي ٿي مستقبل وڃائي ويٺا آهن. هن صوبائي وزير اسماعيل راهو کي اپيل ڪئي ته ايس ايس پي کي فوري هٽايو وڃي ڇو ته منشيات کي هٿي وٺرائڻ ايس ايس پي لاڙڪاڻو ملوث آهي. ٻئي طرف صوبائي وزير آڏو ڏوڪري جي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو مان 40 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل نوجوان سعيد احمد عباسي جي وارثن محمد صالح عباسي، علي دوست عباسي ۽ ٻين سندس بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٻئي طرف پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل جي نگراني هيٺ مختلف ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن پي ايم سي جي پاليسين خلاف عدنان جوڻيجو، سلمان جلباڻي، جاويد مغيري، آغا ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته پي ايم سي طرفان ڏنل ٽيسٽ ۾ نصاب کان ٻاهر سوال ڏئي ناانصافي ڪئي وئي، ٽيسٽ رزلٽ ۾ هيرا ڦيري ڪري بااثر شاگردن جي رزلٽ ٻين جي نالن تي جاري ڪئي وئي. هنن مطالبو ڪيو ته ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ پي ايم سي بدران اين ٽي ايس ذريعي وٺي انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ايل ڊي اي ملازمن 18 مهينن کان پگهارون نه ملڻ ۽ مبينا ڪرپشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ملازمن ممتاز لغاري، مير خان جتوئي ۽ ٻين چيو ته بجيٽ باوجود گذريل 18 مهينن جون پگهارون نه پيون ڏنيون وڃن، جنهن ڪري اسان جا خاندان بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل آهن. 18 مهينن جو رهيل پگهارون جاري ڪرڻ سان گڏ ايل ڊي اي جي عملدارن جي ڪرپشن بابت جاچ ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي. ٻي طرف مينهل آباد واسي جتوئي ذات جي عورتن ملڪيت تي بااثر مائٽ جي مبينا قبضي ۽ نوجوان اسلم جتوئي جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. نوجوان اسلم جتوئي جي ڀينرن دانهيو ته اسان جي چاچي حاجي ڳهڻو خان جتوئي اسان جي مرحوم والد پهلوان خان جتوئي جي ملڪيت تي قبضو ڪيو ويٺو آهي، 3 ڏينهن اڳ جيڪب آباد ضلعي جي مولا داد ٿاڻي جي پوليس بااثر چاچي ڳهڻو جتوئي جي چوڻ تي گهر تي چڙهائي ڪري ڀاءُ اسلم جتوئي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بابت ڪا خبر ناهي ته هو ڪٿي ۽ ڪهڙي هال ۾ آهي، بااثر چاچي خلاف ڪاروائي ڪري ڀاءُ اسلم جتوئي کي آزاد ڪرائي ملڪيت تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button