اسلام آباد :سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هنگامي حالتن بنا آرڊيننس جاري ڪرڻ کي آئين جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو. ڪالهه سپريم ڪورٽ آرڊيننس جاري ڪرڻ بابت فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آئيني شرطن بنا صدر ۽ گورنر آرڊيننس لاڳو نٿا ڪري سگهن. سپريم ڪورٽ ان حوالي سان تحريري فيصلو جاري ڪيو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 30 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته آئين جي هر لفظ تي سختي سان عمل ٿيڻ گهرجي، آرڊيننس جاري ڪرڻ لاءِ آئين ۾ طريقيڪار ڏنو ويو آهي. آرڊيننس ڪجهه مهينن کانپوءِ ختم ٿي ويندا آهن، آرڊيننس ذريعي وڏي مدي لاءِ حق، ذميواريون وٺڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جمهوري ملڪ ۾ عوام چونڊيل نمائندن ذريعي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿو. قانون سازي ۾ يقيني بڻايو وڃي ته عوام جا حق پائمال نه ٿين. سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب پاڪستان جو آئين چئي ٿو ته پاڪستان وفاقي جمهوريا آهي، وفاقي جمهوريا چئني صوبن ۽ اسلام آباد تي ٻڌل آهي، جيڪو قانون ماڻهن جي شموليت سان ٺاهيو ويندو آهي. ماڻهو ان کي دل سان قبول ڪندا آهن، وفاقي سطح تي قانون سازي سڄي ملڪ لاءِ هوندي آهي. انڪم ٽيڪس ليوي کي فنانس ايڪٽ 2013 ۾ ويڙهي سينيٽ ۾ ووٽنگ کان پري رکيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close