اسلام آبادپاڪستان

بي اعتمادي رٿ تي بحث لا 14 مارچ تي اجلاس گهرائڻ جي تجويز

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ تي بحث ۽ ووٽنگ جي معاملي بابت قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اسپيڪر کي 14 مارچ تي اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان اسپيڪر کي تجويز ڏني وئي آهي ته 3 ڏينهن بحث کانپوءِ 18 مارچ تي ووٽنگ ڪرائي وڃي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي تجويز تي حتمي فيصلو قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر ڪندو. واضح رهي ته قاعدن موجب ريڪوزيشن تي اسيمبلي اجلاس 14 ڏينهن ۾ گهرائڻو هوندو آهي. قومي اسيمبلي ليگل برانچ جو چوڻ آهي ته اپوزيشن ريڪوزيشن موجب اسپيڪر هاڻ ڪنهن به وقت اجلاس گهرائي سگهي ٿو، اجلاس گهرائڻ جي حد 14 ڏينهن معنيٰ 22 مارچ ٿئي ٿي. ليگل برانچ اختيارين جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۽ بي اعتمادي رٿ پيش ٿيڻ جي 3 کان 7 ڏينهن وچ ۾ ان تي ووٽنگ ڪرائڻي هوندي. ان کانسواءِ آئين ۾ ڪٿي ناهي لکيل ته اجلاس قومي اسيمبلي هال ۾ ئي ٿيندو. قومي اسيمبلي جو اجلاس سينيٽ هال يا ڪنهن ٻي جاءِ تي به ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button