اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

يوٽيليٽي اسٽورز تي گيهه ۽ کاڄرو تيل ٻيهر 15 رپيا في ڪلو مهانگو

اسلام آباد :يوٽيليٽي اسٽورز تي گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل 15 روپيا في ڪلو مهانگو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب رمضان کان اڳ يوٽيليٽي اسٽورز تي گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل ٻيهر مهانگو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 15 روپين تائين ۽ ڪوڪنگ آئل به 15 روپيا في لٽر تائين مهانگو ڪيو ويو آهي. قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جيڪو فوري طور تي لاڳو ڪيو ويندو.يوٽيليٽي اسٽورز تي گذريل مهيني به مختلف برانڊز جا گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل مهانگو ڪيو ويو هو. ڪوڪنگ آئل 75 روپيا في لٽر تائين ۽ گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 66 روپين تائين واڌ ڪئي وئي هئي. ان کان علاوه يوٽيليٽي اسٽورز تي ٻين مختلف شين جي قيمتن ۾ به اضافو ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button