اسلام آبادپاڪستان

آءِ ايم ايف جي شرطن تي ٻيهر بجلي 95 پئسا في يونٽ مهانگي

اسلام آباد : مهانگائي جي ماريل عوام کي حڪومت بجلي جو وڏو ڪرنٽ هڻي ڇڏيو. نيپرا آءِ ايم ايف جي شرطن تي بجلي 95 پئسا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي. نيپرا جنوري جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگائي ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪيو آهي. نيپرا طرفان ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 5 ڏهائي 94 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي، جنهن سان واهپيدارن تي 58 ارب رپين جو واڌو بار پوندو. واهپيدارن کي ايندڙ مهيني جي بلن ۾ واڌو ادائيگيون ڪرڻيون پونديون پر اها واڌ لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي. رپورٽ موجب بجلي جي بنيادي قيمت ۾ سراسري طور 53 پئسا ۽ مختلف سيلز لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 8 کان 95 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي. دستاويز موجب 100 يونٽن تائين بجلي جي قيمت ۾ 8 پئسا في يونٽ ۽ 101 کان 200 يونٽن تائين 18 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي. ان کان علاوه بجلي جي 201 کان 300 يونٽ استعمال ڪرڻ تي 48 پئسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي. بجلي جي 301 کان 700 يونٽ تائين استعمال تي 95 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button