پاڪستانسنڌ

ٽنڊوڄام پوليس جو سرن جي بٺي تي ڇاپو، 25 ناحق باندي بازياب

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام پوليس سِرن جي بٺي تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل 7 عورتن سميت 25 ڄڻن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. ٽنڊوڄام پوليس عدالتي حڪمن تي ڪارروائي ڪندي کٽياڻ اسٽيشن تي قائم حاجي خان محمد مگسي جي بٺي تي ڇاپو هنيو، جتان 7 عورتن سميت 25 ڄڻن کي بازياب ڪرايو ويو آهي. فريادي عالم ڪولهي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته کٽياڻ اسٽيشن ۾ قائم حاجي خان محمد مگسي اسان کان جبري پورهيو ڪرائي ٿو ۽ مزدوري ادا نٿو ڪري، عدالت فريادي جي درخواست تي ٽنڊوڄام پوليس کي حڪم ڏيندي چيو ته ڄاڻايل درخواست تي عمل ڪندي سڀني پورهيتن کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. جنهن تي عمل ڪندي ايس ايڇ او ٽنڊوڄام ڪاشف حسين، اي ايس آ رائو عبدالقدير پوليس اٽالن سان گڏ کٽياڻ اسٽيشن تي قائم هڪ بٺي تي ڇاپو هڻي ڀيمو ڪولهي، اشوڪ ڪولهي، مگهن ڪولهي، شريمتي پريمي، شريمتي داني سميت 25 ڄڻن کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button