حيدر آباد: گڙدن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ماهر ڊاڪٽر چيو آهي ته هن وقت سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ ساڍا 8 ڪروڙ ماڻهو گڙدن جي بيماري ۾ ورتل آهن. هر ڏهه مان هڪ ماڻهو گڙدن جي بيماري ۾ ورتل آهي. ان سلسلي ۾ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جي يورولوجي اينڊ نيفراولوجي ڊپارٽمينٽ پاران لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۾ سيمينار ڪوٺائي ريلي ڪڍي وئي، وائيس چانسلر پروفيسر اڪرام الدين اڄڻ چيو ته سنڌ جي وڏي انگ ۾ گڙدن جي بيماري جو سبب شگر، بلڊ پريشر، سڻڀا کاڌا ۽ فاسٽ فوڊ جو وڌيڪ استعمال آهي، هن چيو ته مون کي اسان جي يورولوجي ٽيم تي فخر آهي جيڪي جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي مريضن جي ڏينهن رات خدمت ڪري رهيا آهن. جي او سي حيدرآباد ميجر جنرل دلاور خان چيو ته اسان هڪ دلچسپ سفر مان گذري رهيا آهيون، هن شاندار ڪانفرنس تي منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، هر رستي ۾ ڪيترائي چئلينجز آهن، انهن کي پار ڪرڻ سکو.
يورولوجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر جاويد الطاف چيو ته اڪثر ماڻهو مٿي جي سور يا ڪنهن به بيماريءَ لاءِ عام ڊاڪٽرن يا ميڊيڪل اسٽورن تان دوائون وٺي کائيندا آهن، جنهن سان عارضي آرام ته ملندو آهي پر مستقبل جا خطرا گهڻا هوندا آهن. هن چيو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ ساڍا 8 ماڻهو گڙدن جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته هر 10 مان هڪ ماڻهو گڙدي جي مرض ۾ مبتلا آهي. اهو چيو ويندو آهي ته 2040 تائين دنيا ۾ طبي موت جو پنجون وڏو سبب آهي. پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ ماڻهو گڙدن جي بيماري جو شڪار آهن، جن ۾ خاص طور تي گڙدي جي پٿري آهي. گردن جي ناڪامي جا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ شگر، هاءِ بلڊ پريشر، دل ۽ رت جي نالن جون بيماريون، موروثي گڙدن جي بيماري شامل آهن. توهان جي ٿوري به لاپرواهي گردي جي ناڪامي يا گڙدي جي بيماري جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
گڙدن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر ۽ نيفرولاجي ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر پورن ڪمار ڪوهستاني خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي دور ۾ گهر جي ماني گهٽ ۽ ٻاهر هوٽلن جي ماني گهڻي کاڌي پئي وڃي جيڪا گڙدن لاءِ نقصانڪار آهي. ان موقعي تي پروفيسر مظفر شيخ، پروفيسر ساجده يوسفاڻي، ڊاڪٽر مبشر علي ڪولاچي، اسٽيشن ڪمانڊر برگيڊيئر ذوالفقار باجوا ۽ قمر زمان ميمڻ موجود هئا.