اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ اياز صادق جي اپيل تي وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ اياز صادق جي اپيل تي وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ اين اي 122 لاهور ۾ ٻيهر اليڪشن جي خلاف اياز صادق جي اپيل تي شنوائي ٿي. چيف جسٽس چيو ته سال 2013 واري قومي اسيمبلي جو مدو ته ختم ٿي چڪو آهي. جنهن تي اياز صادق جي وڪيل چيو ته منهنجي موڪل مٿان ڏنڊ وڌو ويو هو جنهن خلاف اپيل داخل ڪئي وئي آهي. اياز صادق جي وڪيل چيو ته نادرا ۽ رڪارڊ جائزي جا خرچ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته سمورا خرچ عمران خان ادا ڪري ڇڏيا هئا. ڪيس هارائڻ تي سمورو خرچ اياز صادق کي ڏيڻ جو چيو ويو هو. اياز صادق چيو ته مون کي اسپيڪر هجڻ باوجود ڪوڙو ۽ ڌانڌلي ڪرڻ وارو چيو ويو. تڪ ۾ منهنجي خلاف جيڪو تاثر ڏنو ويو آهي اهو اصل مسئلو آهي. مان عمران خان کان ڪجهه نٿو چاهيان، ڪيس ڪرڻ جو مقصد پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ آهي. اياز صادق جي وڪيل چيو ته غلطيون چونڊ عملي جون هيون ته پوءِ ادائيگي اياز صادق ڇو ڪري؟ چيف جسٽس چيو ته عمران خان جو موقف ٻڌي ئي فيصلو ڪنداسين. جلد ئي ڪيس شنوائي جي لاءِ مقرر ٿي ويندو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان کي هٽائڻ کان پوءِ ڪيتريون چونڊون کٽيون؟ جنهن تي اياز صادق چيو ته مان برطرف ٿيڻ بعد سموريون چونڊون کٽي چڪو آهيان. تڪ ۾ منهنجي خلاف جيڪو تاثر ڏنو پيو وڃي اهوئي اصل مسئلو آهي.چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏنا ته عوام توهان کي ووٽ ڏئي ٿو ته پوءِ تاثر ڪيئن قائم آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن بدنامي جو معاملو آهي ته ڌار ڪيس داخل ڪريو جنهن تي اياز صادق چيو ته ڪيترن ئي سالن کان بدنامي جو ڪيس هلي رهيو آهي. اهو منهنجي عزت جو معاملو آهي. عمران خان کان ڪجهه نٿو چاهيان. جنهن بعد سپريم ڪورٽ ن ليگ اڳواڻ جي درخواست تي وزيراعظم عمران خان، اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button