پاڪستانسنڌ

گڏاپ ۾ صوبائي وزير جي اگهر آڏو قائم پرائمري اسڪول سالن کان بند

ملير: تعليم کاتي جي لاپرواهي، صوبائي وزير ساجد جوکيو جي گهر اڳيان صوفن جوکيو ڳوٺ جو پرائمري اسڪول ڪيترن ئي سالن کان بند پيل، ڳوٺاڻن ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي ڪامورن کي درخواستون ڏنيون ۽ احتجاج ڪيا پر اسڪول کولي نه سگهيو. خبر موجب تعليم کاتي جي لاپرواهي گڏاپ ۾ صوبائي وزير ساجد جوکيو جي اگهر اڳيان قائم صوفن جوکيو ڳوٺ جو پرائمري اسڪول ڪيترن ئي سالن کان بند پيل آهي، صوفن جوکيو ڳوٺ جو پرائمري اسڪول بند هجڻ باوجود صوبائي وزير ساجد جوکيو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ۽ تعلقا ايجوڪيشن آفيسر ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي.

ان سلسلي ۾ عاليشان عمارت رکندڙ اسڪول ويران پيل آهي، ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان ڪراچي ۾ به تعليم کان محروم آهيون، سنڌ حڪومت جي اربين رپيا بجيٽ هجڻ جي باوجود ڪاٺوڙ ڀرسان صوفن جوکيو ڳوٺ جي پرائمري اسڪول لاءِ هڪ استاد به نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن سبب ڪيترائي ٻار تعليم جي زيور کان محروم آهن، هڪ وڏي سازش ۽ پلاننگ تحت اسان جي ٻارڙن کي تعليم جي زيور کان پري رکيو ويو آهي. هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا درخواستون لکيون ان جي باوجود به اسڪول نه ٿو کوليو وڃي.

رابطو ڪرڻ تي تعلقا ايجوڪيشن آفيسر گڏاپ محمد حسن مهر ٻڌايو ته اسان جي ڄاڻ ۾ آهي ته اسڪول بند آهي، اسان وٽ اسٽاف نه هجڻ جي ڪري صوفن جوکيو ڳوٺ سميت ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن، استادن جي بدلي جو اختيار نه هجڻ جي ڪري ڪيترائي اسڪول بند ٿي ويا آهن، جيڪڏهن اسان ڪنهن استاد جي بدلي ڪري ڪو اسڪول کولڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته مٿان آفيسر اسان جي خلاف ڪارروائي ڪن ٿا، هن چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته جلد کان جلد اسڪول جي بحالي يقيني بڻائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button