پاڪستانسنڌ

ترقين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف ڪامورن جو سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو احتجاج، وڏي وزير نوٽيس ورتو

ڪراچي: صوبائي سروس جي ڪامورن پاران ترقين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو احتجاج، وڏي وزير مراد علي شاھه نوٽيس ورتو ۽ هدايتن بعد پرنسپل سيڪريٽري پاران صوبائي سروسز جي ڪامورن سان رابطو ڪيو ويو، خبر موجب ڪالهه صوبائي سروس جي ڪامورن پاران ترقين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو احتجاج ڪيو ويو. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ 17 هين کان 21 هين گريڊ جي صوبائي سروس جي ڪامورن پاران ترقين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو.

آفيسرز ايسوسيئيشن چيو ته ترقين ۾ صوبائي سروس جي آفيسرن سان ناجائزي ڪري کين ڀت سان لڳايو پيو وڃي، ترقين وارا نوان ٺهندڙ رولز آئين ۽ قانون توڙي عدالتي فيصلن جي ابتڙ آهن. رياض جکراڻي چيو ته پرامن احتجاج شروع ڪيو آهي، اڄ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي وهنوار هلايو ويندو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نوٽيس وٺڻ ۽ هدايتن تي پرنسپل سيڪريٽري صوبائي سروسز جي ڪامورن کان اعتراضن بابت آگاهي وٺي رولز بابت تجويزون طلب ڪري ورتيون. صوبائي سروس ايڪس پي سي ايس گروپ، پي ايس ايس ۽ پي ايم ايس گروپ جي آفيسرن گڏيل احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ذريعن موجب صوبائي سروسز جي ڪامورن کي ترقيون ڏيڻ لاءِ نون ٺاهيل رولز ۾ ترميم آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ سنڌ سرڪار پاران ترقين واري رولز ۾ ترميم آڻڻ وارو نقطو شامل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button